مٺي لڳ تيز رفتار ڪوچ رڍن جو ڌڻ لتاڙي ڇڏيو

مٺي (ن سنڌيار)تيز رفتار ڪوچ 70 رڍن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ڀاڳين طرفان احتجاج ڪيو ويو، بدين روڊ تي موکار اسٽاپ وٽ ٿيل حادثي ۾ 70 رڍون مري ويون، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، ڪوچ ڊرائيور خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ ڀاڳين طرفان احتجاج ڪندي چيوويو ته تيز رفتار ڪوچ 70 رڍن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي، اسان غريبن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، ڪوچ ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو