شهدادڪوٽ (ڊ ر)ٽانوري شاخ ڀرسان مدرسي ۾ زهريلي مٺائي کائڻ کانپوءِ مسجد جي حافظ ۽ طالبن سميت 15ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. شهدادڪوٽ جي ٽانوري شاخ ويجهو مولانا عبدالحميد مغيري جي مدرسي ۾ مشڪوڪ ماڻهون پاران مدرسي جي طالب کي ڏنل مٺائي کائڻ کانپوء مسجد جي حافظ سميت 15 ڄڻا بيهوش ٿي ويا آهن جن ۾ اختيار مگسي، مختيار چاچڙ، شاھد بلوچ، عبدالوارث بلوچ، محمد عمير خاراني،اسد الله، عبدالرحمان بروهي، سيف الرحمان بلوچ سيف الرحمان بلوچ، امان الله جتڪ، مشتاق بروهي، ثمير،رحمان، محمد صلاح مگسي، سجاد چانڊيو، جهانزيب خاراني شامل آهن، واقعي بعد سڀني کي تعلقه اسپتال شھدادڪوٽ ۾ آڻڻ کانپوءِ سول اسپتال لاڙڪاڻي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي رابطي ڪرڻ تي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته زھريلي مٺائي کائڻ جي سبب سڀ ماڻهو بيھوشي واري حالت ۾ آهن سڀني ماڻهن کي لاڙڪاڻي اسپتال ڏانهن موڪليو آھي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مدرسي جي باني مولانه عبدالحميد مغيري ٻڌايو ڪنهن مشڪوڪ ماڻهو مدرسي جي طالب کي مٺائي ڏيڻ بعد هليو ويو جيڪا کائڻ بعد مدرسي جا استاد ۽ طالب بيهوش ٿي ويا آهن جن کي لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا آهيون مٺائي ڏيندڙ مشڪوڪ شخص جي ڳولا جاري آهي. واقعي بعد ڪيترن ئي مدرسن جا استاد اسپتال پهتا.










