مُئل ڍور رستن تي پيل، بيماريون ڦهلجڻ لڳيون

ملير(درياخان شر) بھينس ڪالوني ۾ قائم سوين جانورن جي واڙن ۽ منڊين اندرچوپائي مال کي بچاءَ جا ٽڪاءُ نه لڳڻ ڪري بيماريون وڪوڙي ويون، جنهن سبب ڪجھ عرصي دوران 200 کان وڌيڪ مينهون، ڳئون، ٻڪريون ۽ رڍون مري چڪيون آهن. ان سلسلي ۾ مالوندن ميهال خاصخيلي، صاحب ٻرڙو، عبدالنبي لاشاري ۽ جعفر ٻگهيو ميڊيا کي ٻڌايو ته مينهن، ڳئون ۽ ٻڪرين ۾ مختلف بيماريون لڳڻ ڪري جانور تيزي سان مري رهيا آهن جنهن سبب وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ اسان جو گذارو چوپائي مال تي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته روزانو ڊي ايم سي ملير کي لکين روپيا ٽيڪس ملي رھيو آھي. ان باوجود ڊي ايم سي ملير بيماري سبب مئل جانور دفنائڻ بدران کليل روڊن تي اڇلائي وڃن ٿا جنهن ڪري وائرس ٻين جانورن تائين پکيڙجي ٿو.هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايم سي ملير جي چيئرمين جان محمد بلوچ ڳالھيندي چيو ته اھا حد ڊي ايم سي ملير جي نه آھي بلڪل ضلع ڪائونسل  ڪراچي جي آھي انھن جي نااھلي جي ڪري بھينس ڪالوني گدلاڻ ۽ بيماري جي ور چڙهيل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو