عادلپور)ن س) ڳوٺ صوبدار مھر جي رھواسين غريب مينگھواڙ برادري جي ماڻھن جي گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي، ڏسندي ئي ڏسندي ڪکائيون جھوپڙيون سڙي رک ٿي ويون. باهه جي نتيجي ۾ جھوپڙين ۾ موجود سمورو سامان ھنڌ بسترا، کٽون، پکا، پيٽيون، ڪپڙا کاڌي پيتي جو سامان، نياڻين جي ڏاج سميت گھرن ۾ موجود پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

جڏھن ته گھرن ۾ موجود جانورن مان چار ٻڪريون سڙي رک ٿي ويون ۽ مينھون ڳئون پڻ سڙي زخمي ٿي پيون. جنھن سبب غريب ميگھواڙ برادري جا ماڻھو کلي آسمان ھيٺ ويھڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. باھ متاثرن ڪرشن، راجيش، پلھو، آتم ۽ جيو وس وارن ۽ انٽظاميا کي مدد جي اپيل ڪئي آھي.










