ميڊيا ۽ صحافي رياستي ۽ غير رياستي ادارن جي گهيري ۾ آهن،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ تي غير اعلانيه پابنديون آهن، ميڊيا ۽ صحافي رياستي ۽ غير رياستي ادارن جي گهيري ۾ آهن. اهڙو اظهار هن اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ اظهار راءِ جي آزادي بابت عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو سوشل ميڊيا تي به بندشون آهن ۽ تنقيد جي سهپ ڪنهن م ناهي رهي. هن چيو ته 2013 کان 2018 تائين پاڪستان م 26 صحافي قتل ٿيا، ڪيس رڳو 16 جا داخل ٿيا، 6 ڪيسن ۾ عدلتن فيصلا ٻڌايا، سزا هڪ ڪيس ۾ ماتحت عدالت ٻڌائي جيڪا اعليٰ عدالتن ختم ڪري ڇڏي، جنهن جو مطلب ڪنهن کي به سزا نه ملي. هن چيو ته ميڊيا کي ڪو بندوق جي زور تي ته ڪو مذهب جي اوٽ ۾ نشانو بنايو وڃي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته دنيا م اظهار راءِ جي آزادي انساني حقن جي ماءُ سمجهي ويندي آهي پر هتي ڪنهن کي اها حاصل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته جيو ۽ ڊان سميت مختلف ميڊيا هائوسز غير اعلانيه بندشن جو شڪار آهن ۽ سوشل ميڊيا تي به حڪومت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان م جمهوري ۽ بنيادي انساني حق سڪڙجي ويا آهن. هوڏانهن اظهار راءِ جي آزادي بابت عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ محدود پيماني تي ڪجهه تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ ڪجهه شهرن ۾ صحافين جلوس پڻ ڪڍيا. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪوڙين ۽ غلط خبرن کان احتياط ڪريو.

ميڊيا ۽ صحافي رياستي ۽ غير رياستي ادارن جي گهيري ۾ آهن،بلاول” هڪ تبصرو

  1. انهيءَ کان اڳ انهيءَ معيار جون خبرون رڳو انگلش ۽ اردو ۾ ملنديون هيون، سنڌ يار اها ڪمي پوري ڪئي آهي، وڌيڪ فونٽ ۽ ٻوليءَ سڌارڻ جي ضرورت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو