خيرپور (سجاد علي ڪٻر) سنڌ سينگار ميونسپل ورڪرس يونين جي سڏ تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري يونين اڳواڻن ڪارڪنن ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي سي ايم او مشتاق احمد جماڻي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي سي ايم او هٽايو ،خيرپور بچايو جي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي خيرپور کي تباهي ڪناري پهچائڻ جا ذميوار انتظامي آفيسر آهن، هنن چيو ته سي ايم او مزدور دشمن ۽ ڪرپٽ آفيسر آهي، هنن الزام لڳائيندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي خيرپور ۾ فنڊن جي کوٽ سبب ريٽائرڊ ملازمن جون رهتون نه پيون ڏنيون وڃن، جنهن لاءِ ادي نفيسه شاهه جي ڪاوشن سان 3 ڪروڙ اضافي بجيٽ ملي جيڪا به ڪرپشن جي نظر ٿي وئي. جنهن ڪري ميونسپل ڪاميٽي جا ريٽائرڊ ملازم سخت پريشان ۽ فاڪاڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن،هنن ٻڌايو ته ميونسپل ملازم جا مسئلا پينشن ۽ رهتون گريجوئيٽي، ڊفرنس، وقت سر پگهارون ڏيڻ،ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ،ورديون ڏيڻ،ڪرونا سميت اسپيشل فنڊ ڏيڻ سيمت ٻيا مسئلا ڪيتري ئي عرصي کان حل نه ٿا ڪيا وڃن. يونين اڳواڻن وزير اعليٰ سنڌ، بلدياتي صوبائي وزير ،چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ۽ ملازم دشمن سي ايم او کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت يونين پاران ڪم ڇڏهڙتال جاري رهندي.
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو وڌيڪ فيصلو ڪندڙ ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر