ميونسپل عملي جو معاوضي لاءِ احتجاج، هڙتال جي ڌمڪي

ميھڙ(غلام حسين پنھور) ميونسپل جي عملي جي سينيٽري يونين ورڪر صدر اسد شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري لال بخش جي اڳواڻي ۾ سوين صفائي عملي جي ملازمن غلام سرور ، زوھيب ، سليم ،  شان ، عرس ، رياض ۽ ٻين ميھڙ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 9 سالن کان ڊفرنس ۽ 3 مھينن جون واڌو پگھارون ميونسپل انتظاميا نه ٿي ڏئي . ھنن چيو ته مسمات گلزار خاتون جي رٽائر ٿي آهي پر کيس پينشن نٿي ملي نه ئي سندس پٽ کي فوتي ڪوٽا تي نوڪري ٿي ڏني وڃي.  ھنن چيو ته 95 بي گھر ملزم آھيون گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ھڪ ھفتي اندر مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻھارا ڇڏ ھڙتال ڪندا سين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو