نتيجا مٽائڻ خلاف احتجاج، مينڊيٽ تسليم ڪرڻ جومطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي سڏ تي ڪراچي سميت سنڌ ۾ چونڊن ۾ڌانڌلين ۽ مينڊيٽ چوري توڙي هارايل اميدوارن کي کٽائڻ واري غير جمهوري عمل خلاف آچر ڏهاڙي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو،بدين،ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز،شڪارپور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت، جعلي مينڊيٽ نامنظور، جهرلو اليڪشن نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي سنڌ جي نائب امير ۽ تڪ 191 جي اُميدوار حافظ نصرالله چنا ۽ ضلعي امير غلام مصطف ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي پ پ اُميدوار ورڪ تي نڪرڻ ۽ عوام جي سامهون بيهڻ جي صلاحيت نه پيا رکن اهي ڏيڍ ڏيڍ لک ووٽ کڻي ڪئين ڪامياب ٿيا، آر اوز ذريعي چونڊون کٽيندڙ عوام جا نه، پر خلائي مخلوق جا نمائندا ضرور آهن، وري جهڙي طرح ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي 05 نمبر واري پارٽي کي کٽايو ويو انهي عمل ته جمهوريت جو جنازو ئي ڪڍي ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻي کي مرڪزي نائب امير ۽ اين اي 219 تي نامزد اُميدوار ڊاڪٽر معراج الهدي صديقي ۽ ضلعي امير عقيل احمد خان خطاب ڪندي چيو ته 08 فيبروري تي جهرلو چونڊن عوام جو ووٽ ۽ چونڊن تان ارواهه ئي کڻائي ڇڏيو آهي، اڌ ملڪ وڃائڻ باوجود ملڪي طاقتور قوتون سبق ناهن سکيون، الڪيشن ڪميشن پنهنجي دعوي موجب شفاف، آزاد ۽ اڻڌريون چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي وئي آهي. سکر ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي صوبائي اڳواڻ علامه حزب الله جکرو، زبير حفيظ شيخ،سلطان لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ڪرڻ ڌانڌلي جي شروعا تجڏهن ته نتيجا 30 ڪلاڪن کان پوءِ ڏيڻ مان ثابت ٿيو ته 08 فيبروري جي چونڊن ۾ عوام جي ووٽ واري حق تي وڏو ڌاڙو هنيو ويو آهي. عوام جعلي مينڊيٽ کي هرگز تسليم ڪونه ڪندو. لاڙڪاڻي ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري کي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، عاشق ڌامراه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته قوم جعلي مينڊيٽ کي هرگز تسليم ڪونه ڪندي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ جن ڌانڌلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ته انهن لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ڪشمور سميت سنڌ ۾ ڪهڙا نه ڪلور ڪيا هوندا. ڪراچي ۾ ڪجهه اميدوار مشڪل سان هڪ لک ووٽ کنيا پر هتي پ پ جي هڪ اُميدوار هڪ لک65 هزار ووٽ تائين ووٽ کنيا آهن.ميرپورخاص ۾ مارڪيٽ چوڪ تي رٿيل مظاهري کي مقامي امير حاجي نور الاهي مغل، تحسين احمد ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته 08 فيبروري وارين چونڊن ۾ اليڪشن بدران سليڪشن واري جهان ووٽ جي تقدس کي پامال ڪيو آهي. آراو آفيسرن جي مداخلت ذريعي فارم 45 جي نتيجن کي فارم47 ذريعي تبديل ڪرڻ واري رويي عوام جو جمهوري نظام تان اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي طرفان 08 هنڌن اسٽار گيٽ، شاه فيصل، ڪورنگي، واٽرپمپ چورنگي، يوپي موڙ، اورنگي، حسن اسڪوائر، قائد آباد چورنگي ۽ ناظم آباد ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا. جنهن کي مقامي اڳواڻن حافظ نعيم الرحمن، محمد اسلام، فاروق نعمت الله،عرفان احمد،توفيق الدين، سيد قطب ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چڱي طرح معلوم آهي ته ايم ڪيو ايم کي عوام ووٽ ناهي ڏنو، پر تنهن هوندي به عوام جي مسترد ٿيل پارٽي کي ڪراچي تي مسلط ڪرڻ عوام جي حقن مٿان ڌاڙو ۽ شهر کي هڪ ڀيرو بيهر بدامني، خونريزي ۽ ٻوري بند لاشن جي سياست ڪندڙن حوالي ڪرڻ برابر آهي. ڀلا ٻڌايو ته بلديه فيڪٽري ۾ 259 شهرين کي زنده ساڙڻ واري پارٽي سان ڪير همدردي ڪندو؟ هاڻي انهن کي ايم ڪيو ايم نه پر آرمي موومينٽ چيو ۽ لکيو وڃي.اڳواڻن زور ڀريو ته کٽيل پارٽين جو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، جعلي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي وري جعلي مينڊيٽ واري سنڌ اسيمبلي کي هلڻ ڏنو ويندو. بدين ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي مقامي اڳواڻن عبدالقدوس احمداڻي ۽ ضلعي امير علي مردان شاه گيلاني،يبدالڪريم بليدي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌليءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، آراوز ۽ ڊي آر اوز ذريعي عوامي حقن جي سودي بازي ڪئي وئي آهي. 08 فيبروري جون چونڊون ملڪي تاريخ جون بدترين چونڊون هيون جنهن ۾ عوام جي ووٽ کي عزت ڏيڻ بدران نوٽ ۽ بوٽ کي عزت ڏني وئي، ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ جهڙي طرح سان آراوز عوامي راءِ عامه جون ڌڄيون اُڏايون ۽ من پسند اُميدوارن کي زوري کٽرايو ويو اهڙو مثال ماضي ۾ ڪڏهن به نٿو ملي، اڳواڻن چيو ته ڀلي ڇا به ٿي پوي جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجي ڦر ٿيل مينڊيٽ کي واپس وٺڻ لاءِ احتجاج جاري رکندي.هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ ايڊوڪيٽ شبير خانزاده، شڪارپور ۾ عبدالرحمن مڱريو، حافظ سرفراز ڀٽو ۽ ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو