ميسي 6 ڀيرا بيلن ڊي ايوارڊ کٽي رونالڊو کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارجنٽيا ۽ بارسلونا جي عالمي شهرت يافه سپر اسٽار ليونل ميسي ڪيريئر ۾ ڇهون ڀيرون سال جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ بيلن ڊي جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. 32 سالا فٽبالر کي فرانس جي دارالحڪومت پيرس جي چيٽيليٽ ٿيٽر ۾ منعقد تقريب ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو. جڏهن ته آمريڪا جي ورلڊ ڪپ سپر اسٽار ميگن ريپي نوني ويمن فٽبال جو بيلن ڊي کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ميسي 2015 کان پوءِ پهريون ڀيرو بيلن ڊي ٻيو کٽيو آهي ۽ پنهنجي روايتي حريف ڪرسٽيانو رونالڊو تي برتري حاصل ڪري ورتي آهي جيڪي هن مهل تائين پنج بيلن ڊي کٽي چڪو آهي. فٽبال جي سڀ کان وڏو ايوارڊ تصور ڪيو ويندڙ بيلن ڊي ۽ ان جو انعقاد هڪ فرانسيسي ميگزين ڪندو آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جا صحافي بهترين فٽبالر جي ايوارڊ لاءِ ووٽ ڪندا آهن. ان ايوارڊ لاءِ ميسي جو مقابلو ليورپول جي ڪپتان وين دجڪ ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو سان هيو جنهن ۾ ميسي ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪاميابي ملي جڏهن ته سڄي سيزن ۾ عمده ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ليور پول اسٽار ٻئي ۽ رونالڊو ٽئين نمبر تي رهيو. ليونل ميسي گذريل هڪ سال کان مسلسل سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي جنهن هن مهل تائين سال 2019 ۾ کيڏيل 54 ميچن ۾ 46 گول اسڪور ڪري چڪو آهي جڏهن ته لاليگا جي 34 ميچن مان 36 گول اسڪور ڪري هن گذريل سيزن ۾ بار سلونا کي چيمپئن بڻائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. ايوارڊ کٽڻ کان پوءِ ڳالهائيندي ميسي چيو ته اڄ کان 10 سال پهرين پيرس ۾ پنهنجو پهريون بيلن ڊي کٽيو هو ۽ مون کي اڄ به ياد آهي ته مان 22 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ٽن ڀائرن سان گڏ هتي آيو هيس. هن چيو ته مان ڪجهه سال وڌيڪ فٽبال کيڏي سگهان ٿو مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي عمر وڌي رهي آهي ۽ مان ان لمحن کان وڌيڪ زياده لطف اندوز ٿيڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته منهنجي ريٽائرمينٽ جا ڏينهن ويجها اچي رهيا آهن. ياد رهي ته 2008 کان 2017 تائين لڳاتار 10 سالن تائين اهو ايوارڊ ليونل ميسي ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو وچ ۾ تقسيم ٿيندو رهيو آهي ۽ ٻنهي ان عرصي ۾ پنج پنج ڀيرا اهو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي پر گذريل سال ڪروشيا جي لوڪا موڊرچ ان جو خاتمو ڪري ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو