ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عورتن جي عالمي ڏينهن تي سمورين عورتن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو اهو ڏينهن سڀني جو ڏينهن آهي، معاشري ۾ اڪثر مردن جي حڪمراني سمجهي ويندي آهي جڏهن ته عورتن کي ڏهاڪن تائين نظر انداز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجي انهي سوچ جي خاتمي جي شروعات ڪئي ۽ هڪ عورت بڻجي ملڪ هلائي ڏيکاريو.هن چيو ته سموري دنيا ۾ جنگ جا ڪڪر اڀري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي طاقت بنايو ۽ ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي سان يلس ڪرڻ جو ڪريڊٽ بينظير ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو، انهن ٻن عظيم اڳواڻن سبب پاڪستان جو دفاع مضبوط ٿيو. هن چيو ته فرسٽ ويمن بينڪ ۽ پهرين عورت پوليس اسٽيشن به پيپلز پارٽي قائم ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪنول ڀٽو چيو ته عالمي عورتن جي ڏهاڙي تي 300 اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ورهايون وينديون، انهي کان اڳ 200 اسڪوٽيز به ڏنيون ويون آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان عورتن کي اسڪوٽيز جي فراهمي انهن کي بااختيار بنائي رهي آهي ۽ انهي اسڪيم کي ڪامياب بنائڻ ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي ترقي جي رستي ۾ ايندڙ ٽرانسپورٽ جي وڏي رڪاوٽ ختم ڪري رهي آهي. جڏهن ته بجلي سان هلندڙ اسڪوٽيز ماحول دوست توانائي کي هٿي ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته 550 اليڪٽرڪ بسون روڊن تي هلي رهيون آهن جڏهن ته وڌيڪ 500 جلد روڊن تي اچي وينديون ۽ سنڌ ۾ اي وي ٽيڪسي سروس به جلد شروع ڪئي ويندي.شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سوچ به پيپلز پارٽي پيش ڪئي جنهن سان هزارين عورتون خود ڪفيل ٿيون ۽ ٻين کي به مضبوط بنايو. اهو پروگرام به بينظير ڀٽو شروع ڪيو هو. هن چيو ته عالمي ادارن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اهميت کي مڃيو جڏهن ته اهو پروگرام صدر آصف علي زرداري شروع ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ 21 لک گهر تعمير ڪري ڏنا پيا وڃن ۽ انهن گهرن جي ملڪيت به عورتن کي ڏني پئي وڃي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ عورتن کي اوليت حاصل آهي. پيپلز پارٽي جنرل سيٽن تي به عورتن کي ٽڪيٽ ڏنو ۽ عورت اميدوارن پنهنجي سامهون ايندڙ اميدوارن کي به شڪست ڏني. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گرلز ڪيڊٽ ڪاليجز قائم ڪيا ويا آهن جديد سهولتن تي ٻڌل اهڙا گرلز ڪيڊٽ ڪاليج پوري ملڪ ۾ ڪٿي به آهن جڏهن ته عورتن جي لاءِ پروگرام انهن جو جائز حق آهي.










