ميرپور ماٿيلو ۾ ٻه ڌار ڌار پراسرار خود ڪشي جا واقعا

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ڌار ڌار پراسرار نموني ٻه خودڪشي جا واقعا سامهون آيا آهن. گِل ڪالوني جي مدني مسجد جي باٿ روم مان نوجوان جو ڳچي ۾ رسو ٻڌل لاش هٿ آيو آهي، پوليس نوجوان جو لاش اسپتال کڻائي آئي، نوجوان جي سڃاڻپ سکر جي رهواسي فاروق ولد مقبول احمد طور ٿي. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٻئي واقعي ۾ نيو حيدر شاھ ڪالوني جي رهواسي نوجوان امتياز دايو ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو آهي. نوجوان گهر اندر ڪمري جي پکي ۾ رسو ٻڌي رات جو خودڪشي ڪري ڇڏي، صبح جو گهر ڀاتي ڏسي پريشان ٿي ويا. نوجوان جو لاش ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان امتياز دايو غير شادي شده هو، ڪراچي ۾ نوڪري ڪندو هو کيس پگهار نه ملي هئي، جنهن سبب ڏاڍو پريشان هيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو