ميرپور خاص ۾ فائرنگ هڪ ڄڻو قتل، ڪميشن مداخلت ڪري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي پي اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ شڪايت ڪئي اهي ته ميرپورخاص جي قومي اسمبلي جي تڪ 212 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 48 ۾ گي ڊي اي جي اميدوار جي گارڊن فائرنگ ڪئي آهي جنهن م هڪ ووٽر مارجي ويو آهي. پي پي جي تعلقي صدر جي اوطاق ٻاهران جي دي اي وارن فائرنگ ڪري حراس پکيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي. تاج حيدر هڪ ٻئي خط ۾ سانگهڙ ۾ گي ڊي اي اميدوارن پاران ٻيراڻي ۾ ووٽرن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. تاج حيدر مٺي جي تڪ اين اي 215 ۾ گي ڊي اي جا 50 کان وڌيڪ نقاب پوش هٿياربند موٽر سائيڪلن تي ووٽرن کي هراس ڪري رهيا آهن. هن چيف اليڪشن ڪمشنر کي نوٽيس وٺڻ جي گزارش ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو