ميرپورخاص بورڊ ميٽرڪ جو نتيجو جاري ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص (ن سنڌيار) تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران ڏھين ڪلاس جي سالياني امتحانن جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي. ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پڌرائي موجب سال 2021 سائنس گروپ ۾  ڪاميابي جي شرح 96.33 سيڪڙو رھي. سائنس گروپ جا 20 ھزار 4 سئو 19 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، جن مان 3 ھزار ست سئو 68 شاگردن  ۽ 2 ھزار 64 شاگردياڻين اي ون گريڊ حاصل ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 4  ھزار 3 سئو 56 شاگردن ۽ 21 سئو 27 شاگردياڻيون اي گريڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. 33 سئو 20 شاگرد ۽ ھڪ ھزار 89 شاگردياڻين بي گريڊ کڻڻ ۾ ڪامياب رھيون. سي گريڊ حاصل ڪندڙن ۾ 16 سئو 85 شاگرد ۽ 4 سئو 45 شاگردياڻيون شامل آھن، 5 سئو 94 شاگردن ۽ 165 شاگردياڻيون ڊي گريڊ کڻي سگھيون. جنرل گروپ ۾ ڪاميابي جي شرح 71.35 سيڪڙو رھي، جنھن ۾ صرف ھڪ شاگرد اي ون گريڊ کڻي سگھيو، اھڙي طرح 43 شاگردن ۽ 17 شاگردياڻين اي گريڊ حاصل ڪيو. بي گريڊ حاصل ڪندڙن جو انگ شاگردن  ۾ 84 ۽ شاگردياڻين ۾ 16 آھي، جڏھن ته 60 شاگرد ۽ 6 شاگردياڻيون سي گريڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رھيون. وڌيڪ تفصيل ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو