ميئر صاحب، برساتي نالن جي صفائي ڪريو، رڳو فوٽو سيشن نه ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ميئر رڳو فوٽو سيشن نه پر برساتي نالن جي صفائي ڪرائي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي جا چونڊيل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته ڪچري جي پيداوار وڌيڪ آهي ۽ گاڏيون گهٽ آهن، ڪچرو گڏ ڪرڻ جو ڪم صحيح نموني ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت اختيارن تي قبضو ڪري ناانصافي ڪري رهي آهي. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته گهوسٽ ملازم اڄ به ڪم ڪري رهيا آهن، شهرين مان پگهارون هلي رهيون آهن پر ڪم نه پيو ٿئي، يوسي سطح تي ڪچرو نه اُٿاريو پيو وڃي، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو عملو به نه پيو کڻي. گهرن مان ڪچرو، ماڻهو پئسا ڏئي ڪچرو گڏ ڪري رهيا آهن. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته مرتضيٰ وهاب ان وقت ايڊمنسٽريٽر هو، نالن جي صفائي جي نالي تي ڪرپشن ٿي هئي، نالن جي صفائي جو ڪم اڃا تائين ناهي ٿي رهيو، اسان جي چيئرمين بغير چارج جي وڏي محنت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي شهرن ۾ به ڏسو ته ڪيترو ڪم ٿيو آهي، برساتي پاڻي جي نالن ۾ بند پيل آهن، انٽر لنڪ نالن جي حالت خراب آهي، اهي گندگي سان ڀريل آهن. ڪراچي جي شهرين لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن، چونڊون دٻاءُ ۾ ڪيون ويون پر اڃا تائين اختيار نه ڏنا ويا آهن، اسان جو مطالبو آهي ڪائونسل جو اجلاس سڏايو وڃي، بجيٽ پيش ڪئي وڃي، ڪي ايم سي ۾ بجيٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو