ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻن مهينن تائين اونهاري جي موڪلن جا مزا وٺندڙ ٻارڙن جون موڪلون ختم ٿي ويون اڱاري تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول کلي ويا آهن پهرين ڏينهن مختلف اسڪولن ۾ حاضري معمول کان گهٽ ڏٺي وئي تفصيل موجب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ موڪلن کان پوءِ اڱاري کان تعليمي سرگرميون بحال ٿي ويون آهن اسڪول ۾ نئون تعليمي سال به شروع ٿي ويو آهي ٻن مهينن جي موڪلن کان پوءِ تعليمي ادارن جون رونقون ٻيهر بحال ٿي ويون ۽ ٻارڙا هڪ ٻئي کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيا. شاگرد نواب ڪتاب ۽ نون ڪلاسن جي شوق ۾ خوشي وچان اسڪول اچي رهيا آهن جڏهن ته ٻئي پاسي نصابي ڪورس جي دستيابي جو مسئلو بدستور درپيش آهي نائين ڏهين ۽ انتر سال اول ۽ سال ٻه جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه آهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران ڪتابن جي طباعت جو سلسلو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ڪراچي جي اڪثر خانگي اسڪولن به هڪ هفتو اڳ اوچتو نصاب تبديل ڪري ڇڏيو آهي انهن جا درسي ڪتاب به مارڪيٽ ۾ دستياب نه آهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران يقين ڏياريو ويو ته نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو ويندو جڏهن ته هن وقت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ٽيڪسٽ بورڊ جا ڪتاب دستياب نه آهن ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار پراڻا ڪتاب کني اسڪول آيا جڏهن ته خانگي اسڪولن ۾ اڌ ڪورس فراهم ٿي سگهيو آهي پهرين ڏينهن جي تعريفي ڪلاسن کان پوءِ ڳچ خانگي اسڪولن ۾ تدريسي عمل ختم ڪيو ويو ڇو ته گهڻي ڀاڱي شاگردن ڪتابن ۽ ڪاپين کان سواءِ اسڪول آيا هئا شاگردن کي پهرين ڏينهن ڪورس آئوٽ لائن ۽ روزانو ڪتاب آڻڻ جو شيڊول فراهم ڪيو ويو جڏهن ته ڳچ سرڪاري اسڪولن ۾ حاصري پهرين ڏينهن معمول کان گهٽ نظر آئي.
