اسلام آباد(بيورو رپورٽ) موٽر وي پوليس اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آءِ جي موٽر وي پوليس سلمان چوڌري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود هدايت ڪئي ته قيمتي انساني جانيون بچائڻ لاءِ 100 سيڪڙو ايڪسل لوڊ ڪنٽرول ريجيم لاڳو ڪئي وڃي.مواصلات واري سيڪريٽري اختيارين کي هدايت ڪئي ته اوور لوڊ ٿيل گاڏين کي موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ نه ئي اوور لوڊنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا رعايت ڪئي وڃي.اجلاس ۾ آءِ جي موٽر وي پوليس سلمان چوڌري چيو ته ايڪسل لوڊ ڪنٽرول ريگيم تي 100 سيڪڙو عملدرآمد لاءِ اسپيشل اسڪواڊ جوڙيو ويو آهي، اوور ويٽ گاڏين مان اضافي سامان ڪڍيو پيو وڃي جڏهن ته زونل ۽ سيڪٽر ڪمانڊر به سرپرائز چيڪنگ ۽ مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن ،آءِ جي موٽر وي چيو ته مقرر وزن جي حد کان وڌيڪ گاڏين کي ڏنڊن سان واپس ڪيو پيو وڃي، اوور لوڊنگ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ۽ وڏا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيا پيا وڃن.










