موٽر سائيڪل جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر ڳوٺاڻو فوت

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)ڳوٺ لانگهو وٽ لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ گڏھ گاڏي جو آموسامو زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ حسو ڊهو جو رهواسي موٽر سائيڪل سوار علي نواز شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. علائقي واسي فوتي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو وارث لاش کڻائي ڳوٺ حسو ڊھو روانا ٿي ويا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.  هوڏانهن گڏه گاڏي وارو ماڻهو موقعي تان فرار ٿي ويو اوٻاوڙو ٿاڻي تي نامعلوم گڏھ گاڏي جي مالڪ سوار تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو