مون کي سموري زندگي لاءِ ڪڍندڙ پاڻ استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن

مري: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف چيو آهي ته مون کي چوندا هئا ته توکي سڄي زندگي لاءِ نااهل ڪري ڇڏينداسين، اڄ مان اوهان جي سامهون بيٺل آهيان پر مون کي سڄي زندگي لاءِ نااهل ڪرڻ وارا اڄ پاڻ استعيفائون ڏئي گهر وڃي رهيا آهن. مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ميان نوازشريف چيو ته مان ڪالهه مري پهتس ته رستي ۾ وڏي ٽريفڪ هئي، سڀني کان پهريان ملڪ جو خوبصورت ترين روڊ ٺهيو ته اهو راولپنڊي کان مري جو بڻيو. مري منهنجو ٻيون گهر آهي، دل سان چوان ٿو ته اوهان سان مون کي تمام گهڻو پيار آهي. 1950 ۾ پيدا ٿيس، 1956 ۾ پهريون ڀيرو مري ۾ آيس، ڪافي وقت کان پوءِ مري جي عوام سان مخاطب آهيان مون کي مري جي عوام کان پري ڪيو ويو. نوازشريف چيو ته مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ هن ملڪ کي ڇا ٿي ويو، مان عوام جي خدمت ڪري رهيو هئس، پوءِ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ مان ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، بجلي سستي ڪئي، منهنجي دور ۾ ٽريڪٽر 8 لک جو هو اڄ 38 لک جو آهي. نوازشريف جو زمانو سٺو هو، يا هينئر وارو سٺو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي ڪڍيو ويو ۽ منهنجي جڳهه تي ان کي آندو ويو جنهن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ڇا نوڪري ملي؟ هٿ مٿي ڪري مون کي ٻڌايو ته اهي ڪڪڙيون ۽ آنا ڪيڏانهن ويا؟ هن چيو ته بلين ٽري جو ڪيترو وڏو ڪوڙ ڳالهايو ويو، چيو ويو ته ماڻهن کي 50 لک گهر ڏينداسين ڇا ڪنهن کي گهر مليو؟ هي چوندا هئا ته يوٿ اسان سان گڏ آهي؟ هنن سان گڏ ڪهڙي يوٿ آهي، اصل يوٿ ته اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته مري سپتال به بنجڻ گهرجي. دانش اسڪول، يونيورسٽي ڪيمپس به هجڻ گهرجي. اسان هتي هڪ موٽر وي به ٺاهينداسين، مري جي چوڌاري موٽر وي ايندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪلهو ڪلهي سان ملائي (ن) ليگ ٻيهر هن ملڪ جي تعمير ڪندي. اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. اسان پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ بيٺل رهنداسين.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه صحيح هو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ عوام ٻڌائي مون کي ڪڍي سٺو ڪيو ويو يا خراب ڪيو ويو؟ اڄ اهو پاڻ استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويو آهي حالانڪه اهو جج صاحب اٺ مهينن کان پوءِ پاڻ چيف جسٽس بنجڻ وارو هو. خدا جي قدرت ڏسو مون کي ڪڍندڙ سڄي زندگي جي لاءِ ڊس ڪواليفائي ڪيو ويو ۽ اڄ ساڳيو نوازشريف اوهان جي سامهون بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو