مون سون برساتن سبب پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ

مون سون برساتن سبب پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) مون سون برساتن جي ڪري پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو اوزار (وهڪرو) وڌڻ لڳو آهي. پي ڊي ايم اي (PDMA) پنجاب موجب، سنڌو درياءَ ۾ تربيلا ۽ چشمه جي هنڌن تي هٺانهين درجي جي سيلاب واري صورتحال آهي، تربيلا ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 36 هزار، جڏهن ته چشمه ۾ 3 لک 2 هزار ڪيوسڪ آهي. چناب درياءَ ۾ مرالا ۽ قادرآباد جي هنڌن تي هٺانهين درجي جي سيلابي صورتحال آهي، مرالا جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 95 هزار، خانڪي جي هنڌ تي 2 لک 62 هزار ۽ قادر آباد جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 2 لک 45 هزار ڪيوسڪ آهي.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ستلج ۽ جهلم دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي، جڏهن ته راوي درياءَ ۾ بيلوڪي جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 73 هزار ڪيوسڪ آهي. راوي درياءَ ۾ جسڙ، شاهدره ۽ هيڊ سدھنائي جي هنڌن تي وهڪرو نارمل آهي، نارووال جي نالي ‘بسنتر’ ۾ درمياني درجي جي سيلاب واري صورتحال آهي، جڏهن ته گجرات جي نالي ‘ڀمبر’ ۽ وزيرآباد جي نالي ‘پلکو’ ۾ هٺانهين درجي جو سيلاب آهي. ڊائيڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته مٿانهين علائقن ۾ برساتن جي ڪري دريائن جي وهڪري ۾ واڌ ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو