لاهور:(ويب ڊيسڪ) لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي سميت 6 اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي سندن ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مونس الاهي سميت ٻين اشتهاري جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سينٽرل عدالت لاهور ۾ ٿي، اسپيشل سينٽرل عدالت جي جج تنوير احمد ايف آءِ اي جي چالان تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت مونس الاهي سميت 6 اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اشتهاري جوابدارن ۾ مونس الاهي، فراست علي چٺه، امتياز علي شاهه، عامر سهيل ۽ عامر فياض شامل آهن، عدالت مونس الاهي ۽ ضيغم عباس جي ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ۽ ڏوهه ۾ مونس الاهي کي 26 ڪنال کان وڌيڪ ملڪيت به منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مونس الاهي جي نالي تي لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ واقع هڪ پلاٽ ۽ گهر به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عمل ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ