ڳالهين ۾ پيش رفت جي دعويٰ، بارش ۾ به ڪجهه نه بگڙيو

ڳالهين ۾ پيش رفت جي دعويٰ، بارش ۾ به ڪجهه نه بگڙيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي قيادت سان 30 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ پرويز الاهي 3 ڀيرا ملاقات ڪئي آهي پر اڃا ڪا وڏي پيشرفت نه ٿي سگهي آهي. ملاقات بعد پرويز الاهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيش رفت ٿي آهي پر اڃا وڌيڪ محنت ۽ صبر جي ضرورت آهي. هواڏانهن اسلام آباد ۾ بارش بعد سخت سردي ٿي وئي آهي پر ان جي باوجود به آزادي مارچ جي ڏرڻي م شريڪ ڪارڪن ڇڙ وڇڙ ناهن ٿيا. پلاسٽڪ جي عارضي شيلٽرز ۾ هو گرائونڊ ۾ ويهي رهيا آهن.

فوٽو آءِ اين پي

ڪنٽينر تان اعلان ڪيو ويو ته جن کي بارش ۽ سردي کان بچاءَ جو انتظام ناهي اهي ميٽرو اسٽيشن ۾ پناهه وٺن. جنهن بعد ڪيترائي ڪارڪن ميٽرو هليا ويا. جڏهن تي ڪجهه ماڻهن خالي ڪنٽينر جا ڪڙا کولي انهن ۾ پناهه ورتي آهي.

فوٽو آن لائن

اسلام آباد ۾ بارش بعد وڌي ويل سردي سبب وزيراعظم عمران خان سي ڊي اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي هر ممڪنه سهولت فراهم ڪئي وڃي. جنهن بعد سي ڊي اي چيئرمين ۽ عملي گرائونڊ جو دورو ڪيو، صفائي ڪرائي ۽ کين مدد جي آڇ ڪئي ته ڌرڻي جي انتظاميه سندس پيشڪش ٺڪرائي ڇڏي. مولانا عبد الغفور حيدري چيو ته اسان کي وزيراعظم جي استعيفيٰ گهرجي سهولتون نه گهرجن اسان جا جيالا پاڻ ڏک سک جا ٺهيل آهن ۽ حڪومت جي ڪا سهولت نه گهرجي.

.اڱارو آزادي مارچ جو ستون ڏينهن

مولانا جا اپوزيشن کي ڏوراپا، حڪومت ۽ ادارن تي تنقيد

حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ هلندڙ ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو، بظاهر ڊيڊ لاڪ نظر اچي رهيو آهي پر ڌرين جي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيون چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي کان هو پوئتي نه هٽندا. هوڏانهن بلاول ملتان ۾ ڪارڪنن کان راءِ ورتي ته ڪارڪنن کيس چيو ته مولانا جي ڌرڻي ۾ شامل نه ٿينداسين پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي ان ڪري ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهڻ جي ضرورت ناهي. مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف ۽ ايم اين اي جاويد لطيف ۾ گرما گرمي جون خبرون به آيون آهن ته هو نواز شريف جي هدايت تي عمل ڪندي مولانا جي احتجاج ۾ شرڪت کان لنوائي حڪومت کي خوش ٿا ڪن. اڱاري تي رات جو اجتماع کي خطاب ڪندي مولانا جتي بظاهر اپوزيشن کي ڏوراپا ڏنا، اُتي حڪومت ۽ ادارن تي تنقيد به ڪئي.

فوٽو اسڪرين شاٽ

هن ڪنهن جو نالو ته نه کنيو پر بظاهر اپوزيشن جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي شايد مخاطب ٿيندي شڪوه ڪرڻ بابت شعر سان تقرير شروع ڪئي جنهن جي آخري سٽ هئي ته “ اب مشڪل ڪوئي دستار سلامت ديکون” هن چيو ته 2014 م 126 ڏينهن جي ڌرڻي تي اعتراض نه هو ته اسانجي احتجاج تي اعتراض ڇو آهي. عوامي مطالبي کي تسليم ڪرڻو پوندو، تون 18 سالن کان مذهب جي غلط تصوير دنيا جي سامهون رکي. هن چيو پاڪستان داخلي ۽ خارجي محاذن تي تنها ٿي رهيا آهيون. ايران پاڪستان کان ڀارت کي ترجيح ٿو ڏئي، چين جي پراڻي دوستي اقتصادي دور ۾ داخل ٿي ۽ چين 70 ارب دالر جي سرمائيڪاري ڪئي اهي منصوبا هن حڪومت ختم ڪيا چين جي اعتماد کي ڌڪ رسايو آهي. حڪومت پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي. خيبر پختونخوا جي قدرتي ذخيرن تي قبضو آهي، ٿر ۾ ماڻهو مرن ٿا مال مري ٿو، پنجاب جا هاري تباهه حال آهي، هندوستان پاڻي روڪي ڇڏيو آهي، ڪشمير مان درياءَ پاڪستان اچن ٿا پر جنرل مشرف پرائي جنگ ۾ حصو وٺي پنهنجي ماڻهن کي دشمن قرار ڏنو، هن حڪومت ڪشمير تي سودو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ اقرار ڪيو آهي ته اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي فارم 45 تي نتيجو نه ڏنو ويو، پولنگ ايجنٽن کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو ويو، اڃا چئو ٿا ته ثبوت ڏيو. هن چيو ته ڇا ڪنهن اداري کي اهو حق حاصل آهي ته خفيه رپورٽ جي بنياد تي شهرين کي گم ڪيو وڃي، لاپته ماڻهن جا پوڙها والدين پريشان آهن پر هي ظالم کين ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن. اگر رياستي قوت اهڙا اپاءَ وٺندي ته اهو وقت به پري ناهي ماڻهو چوندا ته رياستي دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪير ملوث آهي. هن چيو اسين اڳتي وڌياسين ته اوهان جا ڪنٽينر ماچس جي دٻي جيان اڇلائي ڇڏينداسين، اسان کي چڙ نه ڏياريو، اسين پر امن ماڻهو آهيون. اسان ڌانڌلي جي حڪومت کي نٿا مڃون، ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ ناهيون، اليڪشن ٻيهر ڪرائڻ جي مطالبي تي قائم آهيون.

اڱارو آزادي مارچ جو ستون ڏينهن حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ هلندڙ ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو، بظاهر ڊيڊ لاڪ نظر اچي رهيو آهي پر ڌرين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيون چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي کان هو پوئتي نه هٽندا. هوڏانهن بلاول ملتان ۾ ڪارڪنن کان راءِ ورتي ته ڪارڪنن کيس چيو ته مولانا جي ڌرڻي ۾ شامل نه ٿينداسين پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي ان ڪري ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهڻ جي ضرورت ناهي. مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف ۽ ايم اين اي جاويد لطيف ۾ گرما گرمي جون خبرون به آيون آهن ته هو نواز شريف جي هدايت تي عمل ڪندي مولانا جي احتجاج ۾ شرڪت کان لنوائي حڪومت کي خوش ٿا ڪن. اڱاري تي رات جو اجتماع کي خطاب ڪندي مولانا جتي بظاهر اپوزيشن کي ڏوراپا ڏنا، اُتي حڪومت ۽ ادارن تي تنقيد به ڪئي.

فوٽو سنڌيار

هن ڪنهن جو نالو ته نه کنيو پر بظاهر اپوزيشن جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي شايد مخاطب ٿيندي شڪوه ڪرڻ بابت شعر سان تقرير شروع ڪئي جنهن جي آخري سٽ هئي ته “ اب مشڪل ڪوئي دستار سلامت ديکون” هن چيو ته 2014 م 126 ڏينهن جي ڌرڻي تي اعتراض نه هو ته اسانجي احتجاج تي اعتراض ڇو آهي. عوامي مطالبي کي تسليم ڪرڻو پوندو، تون 18 سالن کان مذهب جي غلط تصوير دنيا جي سامهون رکي. هن چيو پاڪستان داخلي ۽ خارجي محاذن تي تنها ٿي رهيا آهيون. ايران پاڪستان کان ڀارت کي ترجيح ٿو ڏئي، چين جي پراڻي دوستي اقتصادي دور ۾ داخل ٿي ۽ چين 70 ارب دالر جي سرمائيڪاري ڪئي اهي منصوبا هن حڪومت ختم ڪيا چين جي اعتماد کي ڌڪ رسايو آهي. حڪومت پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي. خيبر پختونخوا جي قدرتي ذخيرن تي قبضو آهي، ٿر ۾ ماڻهو مرن ٿا مال مري ٿو، پنجاب جا هاري تباهه حال آهي، هندوستان پاڻي روڪي ڇڏيو آهي، ڪشمير مان درياءَ پاڪستان اچن ٿا پر جنرل مشرف پرائي جنگ ۾ حصو وٺي پنهنجي ماڻهن کي دشمن قرار ڏنو، هن حڪومت ڪشمير تي سودو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ اقرار ڪيو آهي ته اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي فارم 45 تي نتيجو نه ڏنو ويو، پولنگ ايجنٽن کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو ويو، اڃا چئو ٿا ته ثبوت ڏيو. هن چيو ته ڇا ڪنهن اداري کي اهو حق حاصل آهي ته خفيه رپورٽ جي بنياد تي شهرين کي گم ڪيو وڃي، لاپته ماڻهن جا پوڙها والدين پريشان آهن پر هي ظالم کين ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن. اگر رياستي قوت اهڙا اپاءَ وٺندي ته اهو وقت به پري ناهي ماڻهو چوندا ته رياستي دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪير ملوث آهي. هن چيو اسين اڳتي وڌياسين ته اوهان جا ڪنٽينر ماچس جي دٻي جيان اڇلائي ڇڏينداسين، اسان کي چڙ نه ڏياريو، اسين پر امن ماڻهو آهيون. اسان ڌانڌلي جي حڪومت کي نٿا مڃون، ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ ناهيون، اليڪشن ٻيهر ڪرائڻ جي مطالبي تي قائم آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو