موسم خراب،ڇنڇر ۽ آچر جون اڪثر پي آءِ اي اڏامون رد

ڪراچي( شهزادو مستوئي) پي آءِ اي موسم جي خرابي سبب ڇنڇر ۽ آچر جي ڪيترين ئي اڏامون رد ڪري ڇڏيون آهن. 10 آگسٽ ڇنڇ تي رد ڪيل فلائيٽس ۾ ڪراچي سکر ڪراڇي، اسلام آباد سکر اسلام آباد، اسلام آباد بهاولپور اسلام آبادجيجون اڏامون رد آهن ۽ ملتان کان ڪراچي جي اڏام جو وقت تبديل ڪري اڍائي وڳي مقرر ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي ترجمان موجب11 آگسٽ تي ڪراچي رحيم يار خان ڪراچي، ڪراچي سکر ڪراچي، ڪراچي بهاولپور ڪراچي، ڪراچي ملتان لراچي ۽ اسلام آباد ملتان اسلام آباد واريون اڏامون رد ڪيون ويون آهن.ترجمان مسافرن کي صلاح ڏني آهي ته هو گهران نڪرڻ کان اڳ هيلپ لائن 111786786 تي فون ڪري پوءِ هوائي اڏي لاءِ روانا ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو