موسميات کاتي برسات جي ٽئين مرحلي لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو

موسميات کاتي برسات جي ٽئين مرحلي لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته چوماسي جي هلندڙ مند جو ٽيون ڦيرو  اچڻ وارو آهي ۽ 24 جولاءِ تي گهٽ دٻاءَ جو سلسلو ڀارتي گجرات ۾ داخل ٿيندو. جنهن بعد رڻ ڪڇ مان پوين ٻن ڦيرن جيان هن ڀيري به ٽيون برساتي سلسلو 26 ۽ 27 جولاءِ تي سنڌ جي سامونڊي پٽي تي پهڇندو. تيز کنوڻ سان گڏ بارش ۽ طوفان ڪراچي ۾ داخل ٿيندا. موسميت کاتي جي سربراهه سرادر سرفراز موجب پوين ٻن مرحلن دوران 63.6 ملي ميٽر وڌ ۾ وڌ بارش ڪراچي ۾ رڪارڊ ٿي هئي. ياد رهي ته 7 ۽ 18 جولاءِ جي برساتن دوران ڪراچي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا ۽ اڪثر علائقن ۾ گاڏيون ترندي نظر پئي آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو