مورو ۾ حادثو ڊرائيور فوت، رتوديرو ۾ گولي لڳڻ سبب استاد زخمي

مورو / رتوديرو (نمائندن وٽان) بائي پاس لڳ سوزوڪي شوروم وٽ تيز رفتار ويگو جو ٽريڪٽر ٽرالي کي پويان زوردار ٽڪر لڳڻ  جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي سميت کاهي ۾ ڪري پيو،  ڊرائيور عبدالحميد ولد ڌڻي بخش ماڇي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش ڳوٺ لعل بخش ماڇي پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻئي طرف مورو پوليس ويگو کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آھي ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آھي حادثي جي اهڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي. ***رتوديرو  جي ڳوٺ وسايو ڀٽو جو رهواسي 45 سالن جي پرائمري استاد صاحب ڏنو پُٽُ شرف الدين  ڀٽيءَ کي موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربند گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. جنهن کي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب وارثن زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو،

جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو . واقعي جو ڪارڻ پنهنجي برادري جي هڪ ڌر سان پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو  وڃي جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو