مورو واسي پوليس اهلڪار حيدرآباد ۾ ڊيوٽي تي ويندي شهيد

مورو(مورائي اياز سولنگي) حيدرآباد جي ڀٽائي ننگر ڄامشورو روڊ تي نامعلوم ملزمن جي فائرنگ ۾ مورو واسي پوليس اھلڪار ساجد علي جتوئي شھيد ٿي ويو. هو مورو ڀرسان ڳوٺ قمرالدين چانڊيو جو رهواسي آهي. جنھن ڪافي وقت مورو ٿاڻي تي به ڊيوٽي ڪئي جنھن کانپوءِ حيدرآباد بدلي ٿيو، جتي ھو ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد جي آفيس سيڪيورٽي تي ڊيوٽي ڪندو ھو شھيد ٿيندڙ پوليس اھلڪار ساجد علي جتوئي ڄامشورو ۾ رھندو ھو. جتان ھو حيدرآباد ڊيوٽي تي آفيس وڃي رھيو ھو تہ ڀٽائي ننگر وٽ گولي ھڻي کيس شھيد ڪيو ويو جڏھن تہ ايس ايس پي حيدرآباد جو چوڻ آھي ته واقعي جي جانچ ٿي رھي آھي جلد قاتل قانون جي گرفت ۾ آندا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو