مهڪ ڪيسواڻي ڪراچيءَ مان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) ڪراچي ۾ ڏھرڪي واسڻ شاگردياڻي مھڪ ڪيسواڻي گم ٿي وئي. وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته نوجوان حاشر ميمڻ کيس اغوا ڪيو آهي ڏھرڪي جي سيٺ امر لعل ڪيسواڻي جي ڌيءَ ۽ ميڊيڪل جي شاگردياڻي مھڪ ڪيسواڻي گذريل ڏينهن گھران نڪتي ته واپس نه موٽي آھي ۽ ڀاءُ رتڪ ڪيسواڻي جو چوڻ آهي ته ناري کي اغوا جو شڪ آهي خدشو آهي ته خيرپور جي واسي نوجوان حاشر ميمڻ کيس اغوا ڪري ويو آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري مھڪ مذهب تبديل ڪري حاشر ميمڻ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو