مهڪ اسلام قبول ڪري پسند پرڻو ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي (قادر جٽ) ڪجھ ڏينھن اڳ ڪراچي مان مبينه طور اغوا ڄاڻايل ڏھرڪي جي رھواسڻ مھڪ ڪيسواڻي پنھنجي ھڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ھن ڏھرڪي جي درگاھ عاليه ڀرچونڊي شريف ۾ پھچي ميان جاويد احمد وٽ پنھنجي رضا خوشي سان اسلام قبول ڪيو آهي جنهن جو اسلامي نالو فاطمه رکيو ويو آهي. ناري وڌيڪ چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي ۽ نه ئي مون تي ڪنھن جي ڪا زور زبردستي ۽ ڪنهن به قسم جو ڪا به پريشر ڪو نه آھي ۽ مان پنهنجي والدين کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذارڻ ڏني وڃي ۽ مان پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي مڙس عاشر سنگھڙ سان گذارڻ چاھيان ٿي. ھوڏانھن ذريعن وٽان جاڻ ملي آھي ته مذڪوره ناري رحيم يار خان جي ڪورٽ ۾ عاشر سنگھڙ نالي نوجوان سان پرڻو پڻ ڪري ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو