مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، وارثن کان 15 لک ڀُنگ طلب

ٺل (عبدالنبي شيخ) خانپور ڀرسان اغوا ٿيل ڳڙهي حسن واسي نوجوان جي وارثن کان هڪ مهينو بعد 15 لک رُپيا ڀُنگ گهريو ويو آهي. پوليس مغوي جي ڄاڻ هجڻ باوجود ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي لاءِ ٿاڻي کان ٻاهر نه نڪتي آهي. ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ مير عبدالله سرڪي جو رهواسي نوجوان اختيار ميربحر هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويو هو. هاڻي ڌاڙيلن نوجوان جي وارثن کان بازيابي لاءِ 15 لک رُپيا ڀُنگ گهري ورتو آهي. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن اختيار ميربحر کي هڪ مهيني کان ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ رکيو آهي پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي هاڻي هو 15 لک ڀُنگ ڀري نٿا سگهن تنهن ڪري خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو. نوجوان جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته کيس ڌاڙيلن جي چنبي مان ڇڏائڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته نوجوان دوا وٺڻ لاءِ شڪارپور وڃي رهيو هو ته خانپور وٽان کيس اغوا ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو