مهيش بابو جو پيءُ 79 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ممبئي(شوبزنيوز)تيلگو فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار مهيش بابو جو والد ۽ سينيئر اداڪار ڪرشنا دل جو دورو پوڻ سبب 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا موجب ڪرشنا کي صبح ساڍي 1 وڳي حيدرآباد جي اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو ويو، جتي کيس فوري طبي امداد ڏئي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو، پر هن اڄ صبح 4 وڳي اسپتال ۾ ئي دم ڏنو.ان حوالي سان اسپتال هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مهيش بابو جي پيءُ ڪرشنا کي بي هوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو.ڀارتي ميڊيا موجب مهيش بابو جي خاندان ۾ هلندڙ سال اها ٽيون موت آهي.رپورٽن مطابق سينيئر اداڪار ڪرشنا 300 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو