مهر گروپ جي اتحادين جو اجلاس، بلدياتي چونڊن بابت غور ويچار

خانپورمهر(آفتاب سيال) خانڳڙهه جي گوهر پئلس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوهر خان مهر جي صدارت ۾ گهوٽڪي ضلعي جي مهر گروپ جي اتحادين جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو، پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريارشر، اڳوڻي ايم پي اي رحيم بخش خان بوزدار، ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر، حاتن شر ، منيرمهر، مولا بخش خان مهر، غلام مصطفي ابڙو ۽ مهر گروپ جي ٻين اتحادين مختلف يوسيز جي چيئرمينن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن جي تيارين سميت مختلف سياسي معاملن تي غور ويچار ۽ صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن موجب جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سياست عوامي خدمت ۽ ڀلائي واري سياست آهي اسين ڪنهن به پارٽي جا محتاج ناهيون اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ گهوٽڪي ضلعي جي عوام لاءِ اعلي ايوانن ۾ آواز اٿارڻ سميت مقامي سطح تي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪوشان آهيون. اجلاس ۾ علي گوهر مهر پنهنجي اتحادين کان ايندڙ مڪاني چونڊن بابت مختلف تجويزون پڻ ورتيون ۽ سياسي صلاح مشورا پڻ ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو