مھر سردارن جي امڙ جي جنازي نماز ادا،مٽي ماءُ حوالي

مھر سردارن جي امڙ جي جنازي نماز ادا،مٽي ماءُ حوالي

خانپورمهر (رپورٽر) خانپور مهرپ پ ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر جي والده، جڏهن ته صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ۽ ضلعي چيئرمين بنگل خان مهر جي چاچي، اڳوڻي ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي جي چيئرمين حاجي خان مهر ۽ احمد علي خان مهر جي ڏاڏي، ڪجهه وقت کان بيماري سبب ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل هئي، جيڪا اڄ لاڏاڻو ڪري وئي آهي۔ مرحومه جو مڙھ ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي خانڳڙھ آندو ويو، جتي گوهر پيلس ۾ نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي جنهن بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي۔، جنازي نماز ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، شهريار شر، نادر اڪمل لغاري، افتخار لنڊ، فياض احمد لنڊ ،سيد افتخار حسن گيلاني،ايم پي اي ممتاز چانگ، عبدالباري پتافي ،هالار پتافي،ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران سميت مهر برادري توڙي علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مهر خاندان جي امڙ جي لاڏاڻي سوڳ ۾ خانپورمهر جي شاهي بازار سميت سمورو شهر بند رهيو ، جڏهن ته هندو برادري پاران به سوڳ جي اظهار طور پنهنجا ڪاروبار بند رکيا ويا ۔ هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران سردار علي گوهر خان مهر جي والدہ جي وفات تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ياد رھي تھ پ پ جي اعليٰ قيادت پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ مرحومه جي درجات جي بلندي لاءِ دعا گهري، هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سردار علي گوهر مهر جي ماءُ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته مان سردار علي گوهر مهر ۽ سندس خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ سردار علي گوهر مهر جي ماءُ کي بلند درجو عطا ڪري ۽ سندس خاندان کي هن ڏک جي گهڙي ۾ صبر عطا ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو