مهانگائي عام ماڻهوءَ جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

مهانگائي عام ماڻهوءَ جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان استحڪام پارٽي جي صدر عبدالعليم خان چيو آهي ته مهانگائي سبب عام ماڻهو جي پريشانين ۾ خوفناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح بلند ترين سطح تي آهي.هنن چيو ته مهانگائي آڏو حڪومت بي وس آهي، 24 بنيادي شين جي قيمتن ۾ 42 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.عبدالعليم خان چيو آهي ته اٽو، کنڊ، ڪوڪنگ آئل، دال به اڻلڀ ٿي وئي آهي، عام شهري خوش ناهي.هن چيو ته ايل پي جي ۽ بجلي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب شهري پريشان آهن.پاڪستان استحڪام پارٽي جي صدر وڌيڪ چيو آهي ته غريب طبقو زوال پذير آهي ۽ حڪومت جي رٽ گذريل هڪ سال ۾ ڪٿي به نظر نه آئي.عبدالعليم خان جو اهو به چوڻ آهي ته عوام مايوس آهي، حڪومت رليف بدران مصيبتون وڌائي ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو