مهانگائي خلاف سکر ۾ شهرين جو انوکو احتجاج

سکر(رپورٽ امداد ڪلوڙ) سول سوسائٽي جي سڏ تي شهرين جسم سان سبزيون ٻڌي مهانگائي خلاف انوکو احتجاج ڪيو. گهنتا گهر چوڪ تي ڪيل احتجاج ۾ شريڪ شهرين تبديلي سرڪار خلاف نعرا هنيا ۽ چيو ته تيل، گيس، بجلي، سبزي، فروٽ ۽ هر شيءِ جي قيمتن کي باهه لڳي وئي آهي ۽ غريب ماڻهن لاءِ پيٽ پالڻ مشڪل آهي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ به هئا جن تي حڪومت خلاف نعرا لکيل هئا. هنن چيو ته هي پهريون رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي ڪا شيءِ نٿي ملي. هنن چيو ته ضلعي انتظاميا خانه پوري لاءِ بچت بازار ته لڳائي آهي پر ان ۾ ملندڙ شيون هڪ ته ڳريل سڙيل آهن ۽ ٻيو ته ريٽ ۾ ڪو فرق ئي ناهي. اها بچت بازارنه پر بيڪاربازار آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو