مهانگائي تي قابو ڪرڻ جا دعويٰ بي نقاب ،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوٽيس وٺڻ  جا آسرا ڏئي مهانگائي تي قابو ڪرڻ جا دعويٰ بي نقاب ٿي ويا. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته حڪومت وٽ مهانگائي جي تدارڪ لاءِ سرڪاري قيمتن کي لاڳو ڪرڻ جي ڪابه پاليسي نه آهي. نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ رپورٽن جا آسرا ڏئي مهانگائي تي قابو ڪرڻ جا اوهان جا دعويٰ بي نقاب ٿي چڪا آهن. عمران خان غريبن تي رحم ڪري. صرف هڪ سال ۾ بيڪري وارين شين جي قيمتن ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي.مرغي 400 روپيه ڪلو کان وڌيڪ  ڪري عمري جي لاءِ سعودي عرب ويندڙ عمران خان کان عوام حساب وٺندو. پ پ چيئرمين چيو ته پگهارن وارا ته ڪجهه گذارو ڪري سگهن ٿا پر عمران خان لاڪ ڊائون دوران ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙن جي لاءِ ڪهڙي پاليسي ٺاهي آهي؟ نٿيا گلي ۾ عيد جون خوشيون ملهائيندڙن کي خبر ئي ناهي ته ملڪ جي گهٽين ۾ تبديلي جي سونامي قيامت پيدا ڪري چڪي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي خرچن جو چانورن جي ٿيلهن جي قيمتن سان ڀيٽ ڪيو وڃي. سعودي عرب جي دوري مان زڪوات ۽ فطري جي مد ۾ چانورن جي 19 هزار ٿيلهن کان علاوه ڇا حاصل ڪيو؟ عمران خان جي 22 ساله جدوجهد هڪ ايٽمي ملڪ کي سعودي عرب بادشاهه جي زڪوات جي چانورن جي لائق بنائڻ جي لاءِ هو ته دعا ڪريو ته الله ڪنهن کي اهڙي جدوجهد جي توفيق نه ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو