ڪرونڊي (علي حبيب رتڙ) هڪ طرف ملڪ اندر مهانگائيءَ جو طوفان برپا آهي ته ٻئي طرف هن دجالي دور ۾ به ڪرونڊيءَ جا حجم عوام ۽ چونڊيل نمائندن لاءِ مثالي بڻيل آهن. ڪرونڊيءَ جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول حسين پاتو ۾ محمد اڪرم راڄپوت جي قيادت ۾ سندن 12 ساٿين سميت مفت وارن ٺاھڻ جي ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ 300 کان وڌيڪ غريب شاگردن جا مفت وار ٺاھيا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪرونڊي حجم اڳواڻ محمد اڪرم راڄپوت چيو ته گذريل 22 ورھين کان فيض گنج تعلقي جي ڪيترن ئي اسڪول ۾ بنا ڪنھن فنڊ وٺڻ جي ذاتي خرچ تي غريب شاگردن جا وار ٺاھيندا آھيون خدمت ڪندي کين دلي سڪون ملي ٿو “فري ھيئرڪٽنگ ڪيمپ” ۾ يوسي خوش خيرمحمد ھيسباڻيءَ جي چيئرمين اطھر حسين لاشاريءَ خصوصي مھمان طور شريڪ ٿيو. يوسي چيئرمين اطھر حسين لاشاريءَ چيو ته چونڊيل نمائندن لاءِ اڪرم راڄپوت مثال قائم ڪري ڇڏيو آھي جيڪا وڏي ڳالھ آھي. اسڪول جي ھيڊماستر عابد حسين راڄپر ڪرونڊيءَ جي حجمن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڪرم راڄپوت ۽ سندس ٽيم جس لھڻي جنھن نفسا نفسيءَ جي دور ۾ خدمت ڪري ثابت ڪيو آھي ته اصل عبادت خدمت ۾ آھي. ان موقعي تي شهرين محمد اڪرم راجپوت، اطهر حسين لاشاري ۽ ٻين چيو ته حجمن جي ٽيم گذريل 22 ورھين کان فيض گنج تعلقي جي مختلف اسڪولن ۾ وڃي شاگردن جا وار ٺاھين ٿا اهڙي خدمت عيوض هنن کي دلي سڪون ملي ٿو. ڪرونڊيءَ جي غريب حجمن شاگردن جا مفت وار ٺاھي ثابت ڪيو آھي ته ھُو ڪروڙن جون دليون رکن ٿا. ٻئي طرف اسڪول جي شاگردن به مفت وار ٺھرائي پڪو پھ ڪيو تہ غريب شاگردن جي مدد ڪري ثابت ڪندا ته صفائي اڌ ايمان آھي.
