پرويز الاهي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.سروسز اسپتال لاهور جي ڊاڪٽرن ڪيمپ جيل ۾ پرويز الاهي جو طبي معائنو ڪيو، طبي معائني کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس صحتمند قرار ڏنو.ڊاڪٽرن پاران طبي معائنو ڪرڻ بعد ايف آءِ اي پرويز الاهي کي حراست ۾ ورتو.چوڌري پرويز الاهي کي وٺڻ لاءِ هٿياربند گاڏي ڪيمپ جيل لاهور پهتي.ايف آءِ اي ٽيم مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پرويز الاهي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پرويز الاهي جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد اڄ آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو