مني لانڊرنگ جي ٻڌڻي اڄ بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ جي ٻڌڻي اڄ بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جو صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. عدالت ۾ نيب پاران ڪيس ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪرڻ بابت درخواست سميت خواجه انور مجيد ۽ سندس پٽ غني مجيد جي ضمانت جي درخواست به ٻڌي ويندي. نيب پاران ڪيس ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين جي منظوري جا دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته عدالت عظميٰ جي حڪم ۾ ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ بابت ڪا به هدايت ناهي، جنهن ڪري ڪيس ساڳي عدالت ۾ هلايو وڃي. نيب کي صرف وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو