منهنجي کاڌي ۾ ٽوائلٽ ڪلينر ملائي زهر ڏنو ويو، بشرا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي دعويٰ ڪئي آهي ته شب معراج تي منهنجي کاڌي ۾ ٽوائلٽ ڪلينر جا 3 قطرا شامل ڪيا ويا. عدالت ۾ پيشي تي صحافين سان ڳالهائيندي بشرا بي بي چيو ته مون کي جيل ۾ ڪنهن ٻڌايو ته کاڌي ۾ ٽوائلٽ ڪلينر ملايو ويو آهي. هن چيو ته هو اها ڳالهه ٻڌائيندڙ جو نالو ظاهر نه ڪندي. تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو ته هڪ مهيني کان پوءِ ٽوائلٽ ڪلينر استعمال ڪرڻ سان منهنجي صحت خراب ٿي وئي. صحافي سوال ڪيو ته زهر ملائڻ واري ڪيس جي جاچ ٿي ته توهان وٽ ڪهڙا ثبوت آهن؟ ان تي هن چيو ته ثبوت ڪٿان آڻيان؟ هن چيو ته اڳ ۾ بني گالا م در دريون بند ڪري رکندا هئا هاڻي دريون ڪجهه دير لاءِ کولڻ جي اجازت آهي. ٻئي پاسي عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته بشرا بي بي جو طبي معائنو شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽر عاصم يونس کان ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو