منهنجو پٽ بيگناهه آهي، اسد شاهه جي امڙ

راڻيپور( ن س) پيراڻي حويلي ۾ وحشياڻي تشدد ۾ فوت ٿيل معصوم ناري فاطما ڦرڙو جي قتل جي ڏوهه ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاھ جي امڙ سومر ڏينهن قرآن پاڪ کڻي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته سندس پٽ اسد شاهه بيگناھ آھي. هن حڪومت ۽ پوليس کي قرآن جا واسطا ڏيندي چيو ته صحيح جاچ ڪئي وڃي ۽ اصل قاتلن کي بينقاب ڪيو وڃي. هن اصل قاتلن جي نشاندهي ته نه ڪئي پر رڳو مطالبوڪيو. ياد رهي ته هن قتل ۾ اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه به جوابدار آهي، جنهن خلاف ٻين ملازمائن به تشدد ڪرن جا الزام لڳايا آهن. حنا شاهه گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي غائب ٿي وئي آهي. سندس بابت دبئي فرار ٿيڻ ۽ ملڪ م روپوش ٿي وڃڻ بابت مختلف افواهه هلي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو