منشيات جو سرعام وڪرو نوجوان نسل تباهه ڪري ڇڏيو

مٺي(لياقت نهڙيو) ضلعي ٿرپارڪر جا 85 سيڪڙو نوجوان ۽ ننڍي عمر وارا ٻار نشو واپرائي رهيا آھن مٺي ۾ موجود ٻن گتن تي به غيرقانوني طور ننڍي عمر جي ٻارن کي شراب ملي ٿو جنهن سبب شھر توڙي آسپاس جي علائقن جا ننڍي عمر جا ٻار توڙي نوجوان نشو استعمال ڪري رهيا آھن جنهن کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شراب فراهم ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب شاگرد توڙي نوجوان نسل تباهي طرف وڌي رهيو آھي. سماجي برائي جي انهي جڙ ۾ ٿر ۾ گتن تي شاگردن کي ملندڙ شراب ۽ گهٽين ۾ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڌريون آھن. ٻئي طرف ٿرپارڪر جي ساڃاهه وند ڌرين ٿرپارڪر ۾ ننڍي عمر جي ٻارن کي شراب وڪرو ڪري ڏيڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته شاگردن کي غيرقانوني طور گتن وارا لالچ ۾ اچي شراب وڪرو ڪن ٿا جيڪو غيرقانوني عمل آھي اهڙي عمل سان نوجوان نسل تباهه ۽ برباد ٿي ويندو ۽ سماجي برايون وڌنديون ۽ اسان صحتمند معاشري جي بجائي سماجي براين ۾ غرق ٿي وينداسين. سول سوسائٽي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته مٺي سميت ٿرپارڪر جي مختلف هنڌن تي هلندڙ گتن وارن کي پابند بنايو وڃي ته هو ننڍي عمر جي ٻارن کي شراب نه ڏين ۽ سماجي برايون پکيڙيندڙن خلاف انتظاميه ڪارروائي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

منشيات جو سرعام وڪرو نوجوان نسل تباهه ڪري ڇڏيو” هڪ تبصرو

  1. بهترين سائين اوهان جي انهي ڪم سان بهترين ڪم هلي ٿو اوهان کي جس هجي اسان اوهان سان گڏ آھيون

پهنجو تبصرو موڪليو