منافعي خور بي لغام، ايل پي جي هڪ هفتي ۾ ٽيهر مهانگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين رمضان مهيني ۾ ٽيون ڀيرو اگهه وڌائي عوام کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو. رمضان المبارڪ مهيني ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين به ايل پي جي جي اگهه ۾ پاڻمرادو واڌ ڪري ڇڏي ۽ رمضان جي پهرئين هفتي ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي. ايل پي جي جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 30 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ايل پي جي سرڪاري اگهه 257 رپين بدران مارڪيٽ ۾ 300 رپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ گهريلو سئلينڊر جي قيمت 3030 رپيا مقرر آهي پر 4200 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن ۽ منافعي خورن کان ڪير پڇڻ وارو به ناهي، جنهن سبب غريب عوام عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ايل پي جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر چيو ته کپت وڌڻ تي مارڪيٽنگ ڪمپنين اگهن ۾ پاڻمرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي، توڙي جو اوگرا جي نوٽيفڪيشن بنا واڌ غير قانوني آهي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايل پي جي جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو