ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ سود جي شرح 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيو، جنهن ۾ سود جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گذريل اجلاس کان وٺي ملڪ ۾ مهانگائي جو خطرو وڌي ويو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سود جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو.
