عيد الاضحيٰ جو ٻيو ڏينهن، قرباني جو سلسلو جاري

ڪراچي /اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، ٻئي ڏينهن به ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ سنت ابراهيمي يعني قرباني جي ادائگي جو سلسلو جاري رهيو. پهرين ڏينهن ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع منعقد ڪيا ويا آهن، جانورن جي قرباني به سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف عيد جي نماز پنهنجي رهائشگاهه ماڊل ٽائون لاهور ۾ ادا ڪئي، قائم مقام صدر ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ۾ عيد نماز ادا ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي عيد جي نماز گورنر هائوس ۾ ادا ڪئي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد اعظم خان ايبٽ آباد ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق منصوره ۾ عيد نماز ادا ڪئي.گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جناح گرائونڊ (پولو گرائونڊ) ۾ عيد نماز ادا ڪئي.اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ عيد نماز جي اجتماع ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، سفارتڪارن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.سڄي ملڪ ۾ عيد نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو