اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ موسم انتهائي ٿڌي ٿي وئي آهي.بلوچستان جي مٿانهين علائقن ۽ پاڪ-افغان سرحدي علائقن، جن ۾ چمن، قلعه عبدالله ۽ زيارت شامل آهن، ۾ زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ۽ زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.استور ۾ برفباري سبب بند ٿيل مواصلاتي رستا اڃا تائين بحال نه ٿيا آهن.ٻئي طرف، سوات جي مٿانهين علائقن ۾ بند ٿيل مواصلاتي رستا بحال ڪرڻ جو ڪم جاري آهي.










