ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي، جنهن سبب وسيلن تي اثر پئجي رهيو آهي.سندس چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ اسقاط حمل وڌي رهيا آهن پر وسيلن جي کوٽ سبب ماءُ جي جان کي خطرو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ اسقاط حمل جو قانون موجود آهي. صوبائي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته فيملي پلاننگ ضروري آهي جنهن لاءِ آگاهي ڏيڻي آهي، اميونائيزيشن، نيوٽريشن، هيلٿ هائيجين ڊسٽرڪٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته هر 1500 تي هڪ ڊاڪٽر جي ضرورت آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ رڳو 8 هزار ڊاڪٽر آهن، ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي.
