ملڪي معاشي نظام لاءِ صلاح مشورا:نواز جي قيام ۾ واڌ

دبئي: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دبئي ۾ قيام جي مدي ۾ واڌ ٿي وئي آهي.ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم جون اڃان تائين ڪيتريون ئي اهم ملاقاتون شيڊول آهن جنهن سبب هو دبئي ۾ وڌيڪ هڪ هفتو قيام ڪندو. ذريعن موجب ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي نظام جي بهتري لاءِ صلاح مشورا ٿي رهيا آهن. سفارتي ذريعن موجب دوست ملڪ ۽ سرمائيڪار پاڪستان ۾ سياسي استحڪام جا خواهشمند آهن. ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان دبئي ۾ ترسيل آهي. هن پنهنجي ٻين گهر ڀاتين سان گڏ عيد به دبئي ۾ ئي ملهائي.مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز به دبئي ۾ پنهنجي والد سان گڏ موجود آهي. ذريعن موجب عيد جي ٻئي ڏينهن نوازشريف پيٽروليم سيڪٽر سان جڙيل پرڏيهي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران معاشي نظام جي بهتري لاءِ آئل سيڪٽر ۾ سرمائيڪاري تي ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب پرڏيهي وفد سان ٿيندڙ ملاقات ۾ پيٽروليم شين ۾ استحڪام سان ملڪي معيشت ۾ بهتري آڻڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪيترن ملڪن طرفان معاشي سرگرمي ۽ سرمائيڪاري تي نوازشريف سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو