ملير ۾ مئل جانورن جو آزار، عوام بدبوءِ سبب پريشان

ملير (درياخان شر) ڊي ايم سي ملير جي انتظاميا ڀينس ڪالونيءَ جي مرده جانورن کي مناسب انداز سان دفنائڻ بجاءِ ڪچري ۾ دٻائي لڪائڻ جي رَوِش اختيار ڪئي آهي، جنهن جي ڪري علائقي ۾ بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪيل تفصيلي سروي مطابق ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ملير جي حدن اندر واقع ڀينس ڪالونيءَ ۾ چوپائي مال جا درجنين واڙا قائم آهن. واڙن مالڪن ٻڌايو آهي ته حڪومت پاران جانورن کي بيمارين کان بچاءَ جا ٽُڪا ناهن لڳايا ويا، جنهن جي ڪري گذريل ڪجهه عرصي دوران لڳ ڀڳ 200 مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيا جانور مري چڪا آهن.

ڊي ايم سي ملير جي انتظاميا اصولن مطابق مناسب انداز سان دفنائڻ بجاءِ مرده جانورن کي روڊن جي ڪنارن سان اڇلائي ڇڏي ٿي ۽ عوامي تنقيد کان بچڻ لاءِ انهن مٿان گند ۽ ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ مرده جانور بظاهر لڪي وڃن ٿا پر انهن جا جراثيم ماحول کي آلوده ڪندا رهن ٿا. چوپائي مال بابت ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ آهي ته مرده جانورن جا وائرس ٻين صحتمند جانورن تائين به ڦهلجي سگهن ٿا جنهن جي ڪري وڌيڪ نقصان جو انديشو به رهي ٿو. جڏهن ته اهي امڪان به زور وٺي رهيا آهن ته مرده جانورن جا وائرس انساني صحت لاءِ به هاڃا پيدا ڪري سگهن ٿا. انهيءَ صورتحال متعلق ڊي ايم سي ملير جي چيئرمين جان محمد بلوچ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر چيئرمين سان رابطو نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو