ملير ايڪسپريس وي جو روٽ تبديل ڪريون پيا، ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو ورتو. سيڪريٽري بلديات سيد نجم شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، ايم ڊي سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ زبير چنا ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. بلديات کاتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه برنس روڊ، پاڪستان چوڪ، ايم اي جناح روڊ، ٽاور، ماڙي پور، لياري، لياقت آباد، سوڪ سينٽر، اولڊ سبزي منڊي، گلشن اقبال، ملير ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو. بلديات کاتي واري صوبائي وزير ڪي ايم سي، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ کي هدايتون ڏنيون ته عيد جي موقعي تي صفائي جي انتظامن يقيني بڻايو وڃي ۽ مسجدن، عيدگاهن ۽ عيد اجتماع وارين جاين تي صفائي جا خاص انتظام ڪيا وڃن ته جيئن نمازين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڪشمير روڊ عيد اجتماع گاهه تي ميديا سان گفتگو ڪندي مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪووڊ جي ٽين لهر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ان کي روڪڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. هن چيو ته سخت فيصلا خوشي ۾ نه پيا ڪيا وڃن. اسان کي ماڻهن جون زندگيون بچائڻيون آهن. عيد تي سڀني کي احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ اين سي او سي جي شفارشن تي عمل ڪيو وڃي. سيد ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ بئنڪ ذريعي واپارين جي سپورٽ جي لاءِ شهيد بينظير ڀٽو بزنس سپورٽ پروگرام جي شروعات ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۽ بريڪ ڊائون سان واٽر بورڊ کي تمام گهڻو نقصان پهچي ٿو .واٽر بورڊ جون لائينون برسٽ ٿينديون رهن ٿيون ۽ پاڻي جون موٽرون به سڙي وڃن ٿيون. هن چيو ته آءُ ڪالهه سيڪريٽري بلديات کي هدايت جاري ڪئي آهي ته واٽر بورڊ جي نقصان جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ ڪي _ اليڪٽرڪ کي خط لکيو وڃي. شهر ۾پاڻي جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن سب سوائل جي نالي ۾ لائينن مان غير قانوني طور تي ڪنيڪشن لڳائي پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي ان کي روڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي جو روٽ ٿورو تبديل ڪيو ويو آهي، ڇو ته پهرئين روٽ تي سنڌ حڪومت کي 8 ارب روپيا معاوضو ڏيڻو پئي پيو. نئين روٽ سان خرچ گهٽجي رهيا آهن، پر ان روٽ تي اڃا تائين حتمي فيصلو نه ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو