مليريا کان بچاءَ لاءِ موثر ۽ محفوظ ويڪسين تيار،ڪينيا کان شروعات

لنڊن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي خطرناڪ، موتمار  ۽ قديمي بيماري مليريا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي جنهن جو استعمال ڪينيا کان جمع تي شروع ڪيو ويو. بي بي سي جي سنجي منجومندر جي رپورٽ موجب مليريا جي ويڪسين محفوظ ۽ موثر آهي. هي ويڪسين ٻن سالن جي عمر جي ٻارن کي 4 ڊوزز ۾ ڏني ويندي. مڇرن جي چڪ سبب رت ۾ جيڪي جراثيم داخل ٿي انسان جي قوت مدافعت کي ڪمزور ڪري ان کي بيمار ڪندا آهن، هي ويڪسين انسان جي قوت مدافعت کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏيندي. هي ويڪسين ايندڙ ٽن سالن ۾ 3 لک ٻارن کي ڏني ويندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته 30 سالن جي مسلسل تحقيق بعد هي موثر ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا مليريا جهڙي مرض کان بچاءَ ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندي. ياد رهي ته صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او موجب دنيا ۾ هر سال 4 لک ماڻهو مليريا سبب فوت ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو