ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ميروخان (صفدر حسين تنيو) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن يعني ”وي ڊبليو اي“جي مرڪزي سڏ تي تعلقي ميروخان جي طرفان 58 ويڪسينيٽرن کي ريگيولر نه ڪرڻ ويڪسينيٽرن کي ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ ۽ 2013 کان گاوي ويڪسينيٽرن کي اپائٽمينٽ کان سينيارٽي نه ڏيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪليم الرحمن تنيو شفقت حسين وڌو مختيار احمد ڪلھوڙو جاويد احمد چانڊيو عبدالحڪيم ڪنگو ۽ ٻين چيو آھي ته اڄ وي ڊبليو اي ويڪسينشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي مرڪزي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاء سموري سنڌ ۾ اي پي آء سينٽرن کي تالابندي ڪري احتجاجي مظاھرا ڪيا پيا وڃن ھنن وڌيڪ چيو ته وزير اعلي سنڌ جي منظوري بعد اسان کي ٽائيم اسڪيل نه مليو آھي پر سنڌ جي ويڪسينيٽرن جو ٽائيم اسڪيل سيڪريٽري ھيلٿ جي آفيس ۾ رولڙي جو شڪار بڻيل آھي ھنن وڌيڪ چيو ته 58 گاوي ويڪسينيٽرن کي ريگيولر نٿو ڪيو وڃي جڏھن ته ويڪسينيٽرن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي پڪو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اي پي آء سينٽرن جي تالابندي سان گڏوگڏ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رھندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو